آسن واسواڻي مجبور

آسن واسواڻي مجبور

آسن واسواڻي مجبور

آسن واسواڻي ’مجبور‘: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر، آسن واسواڻي ’مجبور‘ جو پورو نالو آسن داس صابلداس واسواڻي هو. هن 27 فيبروري 1932ع تي بنگل ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ صابلداس واسواڻي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول بنگل ديري ۾ اُستاد هو. ورهاڱي وقت آسن داس والدين سان گڏ 15 ورهين جي عمر ۾ ڀارت لڏي ويو. هن انگريزي ۽ هندي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ پوءِ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي پروفيسر ٿيو. ان بعد 18 سالن تائين تولاڻي آرٽس ۽ سائنس ڪاليج آديپور ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏيڻ کان پوءِ، پرنسپال جي حيثيت ۾ (1992ع ۾) رٽائرڊ ٿيو. 50 واري ڏهاڪي کان شاعري جي شروعات ڪئي. سندس شُمار پختن ۽ مشھور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت تائين آسن واسواڻي ’مجبور‘ جا شعر ۽ نثر جا هيٺيان ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن: (1) زندگيءَ جا نغما (شاعري: 1961ع)، (2) معاف ڪجو (مزاحيه مضمون: 1985ع)، (3) ايشور جو آپگهات (مزاحيه/طنزيه شاعري: 1995ع)، (4) خَلش ۽ خاڪا (غزل ۽ هائيڪو: 1996ع)، (5) عقيدن جي وفات (جديد شاعري: 1998ع)، (6) فڪر ۽ فهم (غزل ۽ رُباعيون: 2000ع)، (7) ماضيءَ جو مدفن (جديد شاعري: 2000ع)، (


هن صفحي کي شيئر ڪريو